ڇتي جي ڪنڊ

ڇتي جي ڪنڊ: سنڌو تهذيب جو هي ماڳ نئن گاج جي گهاٽيءَ ۾، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. هي ماڳ سڀ کان اول قديم آثارن جي ماهر اين. جي. مجمدار، ڪاڇي ۾ ماڳن کي ڳوليندي لڌو هو. اهو ماڳ هن 28-1927ع ڌاري ڳولي لڌو هو. هي ماڳ نئن گاج جي کاٻي ڪنڌيءَ تي، روهيل نزگاڻي جي ڪنڊ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 670 14' 50'' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 260 53' 10'' اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هتان هٿ آيل ٺڪراٺو، آمريءَ جي دور جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. هي ماڳ ڏهن پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو